خادم کوکر

خادم کوکر

خادم کوکر

خادم کوکر: سنڌ جو مشهور مزاحيه اداڪار خادم حسين ولد حاجي علي اڪـبـر کـوکـر، 19 اپـريـل 1981ع تي ڳـوٺ دڙي خـيـر مـحـمـد کـوکـر، لـڳ ڦلجي اسٽيشن، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.خادم کوکر پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، جڏهن ته هن مئٽرڪ گورنمينٽ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادوءَ مان حاصل ڪئي.خادم کوکر فن جي دنيا ۾ 1996ع ۾ قدم رکيو. ابتدا ۾ دادو ۽ ٻين شهرن ۾ ٿيندڙ اسٽيج ڊرامن ۾ حصو وٺندو هو.
خادم کوکر جو پهريون اسٽيج ڊرامو ’شهيد‘ آهي، جيڪو دادوءَ ۾ پيش ڪيو ويو هو. هن 2005ع ۾ ڪي. ٽي. اين جي مزاحيه پروگرام ’ماما لالو‘ ۾ مزاحيه اداڪاري ڪري مشهوري ماڻي، ان کان پوءِ ’مکڻ موجن ۾‘ ڊرامي ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريائين، پر خادم کوکر کي مقبوليت ڪي. ٽي. اين جي ڊرامي ’پٿر دنيا‘ ۾ بچائي جي ڪردار جي ڪري ملي. هن کي خاص ڪري ’اسان آهيون خوني ماڻهو‘، ’ڪتر ڪتر نه ڪري ڇڏيان‘ وارن ڊائلاگن ماڻهن ۾ تمام گهڻو مقبول ڪيو. خادم کوکر جي اداڪاريءَ جو انداز منفرد آهي. هن ’آواز‘ ٽي. وي جي ڊرامي ’لوئي ۽ لڄ‘ ۽ سنڌ ٽي. وي جي ڊرامي ’ٿر ٿوهر، گهر جهوپڙا‘ ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي.خادم کوکر ڪافي فلمن ۾ به ڪم ڪيو آهي. جن ۾: ’لالو باگڙياڻي ڀڄائي ويو‘، ’نصيب‘، ’ککر دنيا‘، ’اڇو بادشاهه‘، ’درياهه يار‘، ’ندورو ڏچي ۾‘ ۽ ٻيون فلمون شامل آهن. خادم کوکر هن وقت دادو شهر ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ خادم کوکرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1981.04.19  عيسوي

سنڌ جو مشهور مزاحيه اداڪار خادم حسين ولد حاجي علي اڪـبـر کـوکـر، 19 اپـريـل 1981ع تي ڳـوٺ دڙي خـيـر مـحـمـد کـوکـر، لـڳ ڦلجي اسٽيشن، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زبيده قادري آپا
چي گويرا
اختر جهوناڳڙهي
درويش عيسيٰ دشتي
مولوي محمد ابراھيم انيس مهيري
جانڪي ديوي ٿانواڻي
شيام جئسنگهاڻي
جبريل بن بختيشوع
جلال محمد مخدوم
پيرزادو شريف الدين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون